متحده لنڊن جي اڳواڻ سليم شهزاد کي ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: رائو انوار

February 7, 2017 at 12:04 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(م ڊ) ملير ضلعي جي ايس ايس پي رائو انوار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم لنڊن جي اڳواڻ سليم شهزاد کي ڊاڪٽر عاصم ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.  سليم شهزاد تي شهر جي مختلف ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن. ٻئي پاسي سليم شهزاد خلاف دهشتگردن جي علاج وارو ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهي جڏهن ته سليم شهزاد کي ڄاڻايل ڪيس ۾ اشتهاري قرار ڏيڻ جي لاءِ ڪارروائي جاري آهي ۽  عدالت سليم شهزاد جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آهي.  اميگيريشن اختيارين سندس پاسپورٽ به ضبط ڪري ڇڏيو جڏهن ته هو برطانوي پاسپورٽ تي سفر ڪري رهيو هو.

اي پيپر