ڪراچي (م ڊ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ميان صاحب لوڊشيڊشنگ ختم ڪرڻ جا واعدا پورا ناهن ڪيا، سحري ۽ افطار ۾ به لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي ضرورت 21 هزار ميگا واٽ آهي، ماڻهو روڊن تي آيا ته ميان صاحب اوهان کي لڪڻ جي جاءِ به نه ملندي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو ئي حال رهيو ته ماڻهو روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، هن چيو ته ميان صاحب چور عوام ناهي اوهان جا وزير آهن.