ماڪڙ کي آبادي وارن علائقن ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن؛مراد علي شاهه

نوابشاھ (ھ آ)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته ماڪڙ کي آبادي وارن علائقن ۾ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن زراعت کاتي پاران ٽيمون جوڙي 24 ڪلاڪ مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته متاثر علائقن ۾ فضائي اسپري سان گڏ عوام ۾ آگاهي بيدار ڪئي پئي وڃي هن اھا ڳالھ اڄ نوابشاھ ڀرسان کڏهر ۾ فضلن تي ماڪڙ جي حملي کان بچاءِ لاءِ انتظاميان طرفان ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪئي.ان موقعي تي صوبائي وزير زراعت محمد اسماعيل راهو، ڪمشنر شهيد بينظيرآباد نثاراحمد ميمڻ، ڊي آئي جي مظهر نواز،ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طارق علي سولنگي کان علاوه زراعت ۽ ٻين کاتن جا آفيسر ۽ آبادگارپڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزير اعلى سنڌ سيد مراد علي شاھ وڌيڪ چيو ته زراعت کاتي پاران ماڪڙ وارن علائقن ۾ اسپري ۽ عوام جي ڄاڻ لاءِ 19 ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ ان کان سواءِ ٻيا ضروري انتظام پڻ ڪيا ويا آهن ته جئين ماڪڙ کي وڌيڪ علائقن ۾ ڦهيلجڻ کان روڪي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي دور ۾ پڻ ماڪڙ فصلن تي حملو ڪيو هو جنهن کانپوءِ هن آبادگارن جي رهنمائي لاءِ ڪراپ پروٽيڪشن شعبو قائم ڪرڻ کان علاوه فصلن کي بچائڻ لاءِ فضائي اسپري لاءِ 17 جهاز خريد ڪيا هئا جن مان وفاقي حڪومت وٽ صرف 6 جهاز موجود آهن انهن مان پڻ وفاق پاران صرف هڪ جهاز اسپري لاءِ موڪليو ويو هو پر اهو پڻ خراب ٿيڻ ڪري واپس وفاق کي موڪليو ويو آهي جڏهن ته اڄ ٻڌايو ويو آهي ته فضائي اسپري لاءِ 2 جهاز سڀاڻي سنڌ حڪومت کي ملندا جنهن بعد ماڪڙ جي موجودگي وارن علائقن ۾ ايريل اسپري لاءِ موڪليا ويندا ته جئين ماڪڙ کي آبادي وارن علائقن ۾ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي وزيراعلى سنڌ وڌيڪ چيو ته هن وقت ماڪڙ جي تعداد ايتري گهڻي ناهي نه ئي فصلن جي لاءِ گهڻي نقصانڪار آهي. هن وڌيڪ چيو ته آبادي وارن علائقن ۾ فضائي اسپري ان وقت ڪيو وڃي جڏهن ان جي ضرورت هجي ته جئين اسپري جي ڪري انساني آبادي کي نقصان نه پهچي.ان کان پهريان نوابشاھ ائيرپورٽ تي وزيراعلى سنڌ جي آمد جي موقعي تي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد نثاراحمد ميمڻ بريفنگ ڏيندي  وزيراعلى سنڌ کي ٻڌايو ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن ۾ ماڪڙ 23 جون تي ڄامشورو ۽ دادو وارن علائقن کان داخل ٿي آهي ماڪڙ جي گهٽ تعداد ڪري اھا فصلن لاءِ گهڻي نقصانڪار نه آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته ماڪڙ کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي بروقت حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن هن ٻڌايو ته زراعت کاتي پاران دوائن جو اسپري ڪرڻ سان گڏ آبادگارن کي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ مهم پڻ تيزي سان جاري آهي ڪمشنر وڌيڪ ٻڌايو ته شهيد بينظيرآباد ڊويزن جي گهڻي علائقي کي ماڪڙ کان ڪلئير ڪرايو ويو آهي ۽ هن وقت تائين فصلن کي گهڻون نقصان نه پهتو آهي هن وڌيڪ ٻڌايو ته عوام ۾ آگاهي فرام ڪرڻ لاءِ پمفليٽ تقسيم ڪرڻ سان گڏ ماڪڙ جي روڪٿام لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ لاءِ ڊويزن ۽ ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم قائم ڪري روينيو ۽ زراعت کاتي جي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي.      

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *