لاهور ( م ڊ ) ماڊل ٽائون سانحي ڪيس ۾ پوليس کي نواز شريف کي جيل ۾ جاچ جي اجازت ملي وئي آهي. نواز شريف ماڊل ٽائون ڪيس ۾ جوابدار نامزد آهي. ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ ٽيم نواز شريف کان جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. احتساب عدالت ۾ ماڊل ٽائون ڪيس ۾ نواز شريف کان جيل ۾ جاچ لاءِ ڊي ايس پي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٻڌڻي احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ڪئي. درخواست ڪندڙ ڊي ايس پي پنجاب پوليس محمد اقبال عدالت جي روبرو پيش ٿيو ۽ چيو ته نواز شريف سان جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي، هو ماڊل ٽائون سانحي ۾ جوابدار نامزد آهي. نيب پراسڪيوٽر درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته درخواست ڪندڙ کي لاڳاپيل پليٽ فارم سان رابطو ڪرڻ گهرجي، لاڳاپيل پليٽ فارم اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو ٺهي ٿو. عدالت درخواست ڪندڙ ڊي ايس پي پنجاب پوليس محمد اقبال جي درخواست منظور ڪندي نواز شريف سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.