ماڊل ٽائون رپورٽ اوپن ٿي و ئي، ادارن ۽ عدليا جو ڪم آهي انکي ڏسي : خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته طاهر القادري آصف زرداري کي ملاقات جي دعوت ڏني آهي ، ماڊل ٽائون رپورٽ اوپن ٿي وئي هاڻِي ادارن ۽ عدليا جو ڪم آهي ان کي ڏسي، ٽرمپ پاران بيت المقدس کي اسرائيل گادي وارو هنڌتسيلم ڪرڻ جو قدم مذمت جوڳو آهي. ترڪي ، ايران پاڪستان ڪردار ادا ڪن، خميس تي خورشيد شاهه ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته طاهرالقادري آصف علي زرداري کي ملاقات جي دعوت ڏني آهي هن چيو ته قادري سان ملاقات نئين ناهي پهريان به رابطا ٿيندا رهيا آهن. هن چيو ته اسان 2002 ۾ مشر ف جي خلاف گڏ هليا آهيون، خورشيد شاهه چيو ته پ پ روڊن ۽ ڏڦيڙ جي سياست کان ٻاهر رهي آهي. هن چيو ته موجوده سياسي صورتحال ادارن سان جنگ، عدم استحڪام سميت سمورا اشوز بحث هيٺ آڻينداسي. خورشيد شاهه چيو ته اسلامي دنيا ۾ سخت ڇڪتاڻ ۽ ڏڦيڙ پيدا ٿيو آهي خورشيد شاهه چيوته آمريڪا دنيا ۾ وڏو انتشار پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. خورشيد شاهه چيو ته او آءِ سي جي ميٽنگ سڏائي وئي آهي جيڪا بامقصد هجڻ گھرجي، هن چيو ته اسلامي ملڪن کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ پليٽ فارم تي اچڻون پوندو، هن چيو ته هن وقت هڪ دفعو ٻيهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪردار گھربل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *