ايبٽ آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته عدالت ۾ انهن خلاف سمورا ثبوت پيش ڪندس، مان ته چاهيان پيو ته شهباز شريف مون کي عدالت وٺي وڃي، پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته انهن جي اصل زندگي پهريون ڀيرو ماڻهن جي سامهون آئي آهي، ساک تي داغ ته ان وقت لڳندو آهي، جڏهن ساک هجي، نواز شريف جڏهن آئوٽ ٿي ويندو هيو ته امپائر نو بال چئي ڇڏيندو هيو، ڪوئي سوچي به نه پيو سگهي ته جي آءِ ٽي ۾ شريف خاندان جو احتساب ٿيندو، هن چيو ته سپريم ڪورٽ چوي ٿي ته انهن سمورا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن، زبردست مئچ يٿڻ وڃي رهيو آهي، وڏي دير کان انتظار هيو، عمران خان چيو ته سوال اوهان کي نه جي آءِ ٽي کي ڪرڻا آهن، انهن وٽ جواب ناهن، ان لاءِ جي آءِ ٽي ٻاهران ڊراما ٿي رهيا آهن، شهباز شريف هرجاڻي جي دعويٰ داخل ڪئي آهي، مون وٽ پئسا ناهن، حمزه ۽ سلمان کان قرض وٺندس، سڄي قوم سامهون ٻنهي ڀائرن جي حقيقت ٻڌائڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته اوهان تي الزامن جو پرو ڪتاب بڻجي سگهي ٿو، زرداري جيڪو آهي سو آهي، ڊرامو ناهي ڪندو، مان عدالت وڃڻ جو انتظار ڪري رهيو آهيان، پاناما ڪيس ۾ شريف خاندان جا سمورا تفصيل موجود آهن، قطري تلور مارڻ اچي ويندو آهي، پر بچائڻ نه پيو اچي، عمران خان چيو ته اميد ڪريان ٿو ته جي آءِ ٽي تصديق ڪرائي اچي ته اصل مالڪ مريم آهي ته ڪيس ئي ختم ٿي ويندو، اصل مالڪ مريم نڪري ٿي ته ڪيس ئي ختم ٿي ويندو، شريف خاندان جو پلان سڀني تي واضح آهي، عمران خان چيو ته مان نواز شريف کي اڊيالا جيل ۾ ڏسي رهيو آهيان.