چارسدا (م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اپوزيشن جماعتن سان گلا ڪئي آهي ته مان سياسي جماعتن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو پر ڪنهن منهنجو ساٿ نه ڏنو.چارسدا ۾ ختم نبوت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته جعلي چونڊون ڪرائي ناجائز حڪومت ٺاهي وئي، عمران خان جي پٺ تي آمريڪا ۽ يورپ بيٺو آهي.هن چيو ته موجوده حڪومت پاڻ کي شينهن سڏيندي آهي پر جي يو آءِ ان کي ڪوئو بڻائي ڇڏيو، 70 سالن ۾ ايترو قرض نه ورتو ويو، جيترو 18 مهينن ۾ ورتو ويو، ملڪ جي معيشت تباهه ٿي وئي آهي، نون ٽيڪسن ۽ آسمان کي ڇُهندڙ مهانگائي عوام کي آپگهات تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، اڄ سرڪاري ملازمن جي پگهارن لاءِ قومي ناڻي ۾ ڪجهه ناهي، هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ بدران 25 لک نوجوانن کي ملازمتن مان فارغ ڪيو ويو.