مافيائن لاءِ اڃا وقت آهي ته عوام جو ڦُريل پئسو واپس ڪن، ڪنهن سان رعايت نه ڪنداسين: نيب چيئرمين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيب چيئرمين رٽائرڊ جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته غريب عوام کي لٽيندڙ مافيا جي خاتمي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي. ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هُن چيو ته عوام کي لٽيندڙ هائوسنگ سوسائٽيز يا بلڊرز نيب کان بچي نٿا سگهن. نيب چيئرمين چيو ته ڪنهن جي لاءِ به رعايت ڪونهي، نيب کي ٻڏل رقم واپس ڪرائڻي آهي، اڃان به وقت آهي مافيا عوام جي ڦريل رقم واپس ڪري، غريبن کي ڦريندڙ بزنس مين نه، مافيا آهن ۽ اهڙي مافيا جي خاتمي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، ڪنهن سان به ڊيل نه ٿيندي. نيب چيئرمين جاويد اقبال وڌيڪ چيو ته حڪومت جو نيب سان ڪوبه واسطو ناهي، پر نيب اڪيلي سر ڪجهه نٿو ڪري سگهي. سڀني جي سهڪار جي ضرروت آهي. جلد وقت ايندو جڏهن پاڪستان ۾ ڪرپشن نه هجڻ جي برابر هوندي، خود احتسابي شروع ڪئي وڃي ته نيب جي ضرورت ڪونهي. جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو ته نيب ۾ ڪنهن قسم جي ڪرپشن جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪنهن به ڪرپٽ آفيسر جي نيب ۾ جاءِ ڪونهي. 5 هزارن جو ڪم 5 ڪروڙن ۾ ڪرڻ جو پڇڻ ڇا سياسي انتقام آهي ؟ اشتهار ڏسي ضرور معلوم ڪريو ته زمين جو ڪو تڪرار نه ڪونهي، ڪجهه اهڙيون سوسائٽيون آهن ته رقم گڏ ڪري دبئي ۽ ٻين ملڪن ۾ وڃي ويٺا آهن، اهڙين مافين وٽ نيب جو هٿ نٿو پهچي پر الله جو ته هٿ پهچي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *