ڪراچي( م ڊ) سپريم ڪورٽ چائنا ڪٽنگ ۽ زمين تي ناجائز قبضن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ماضي ۾ ڪراچي يورپ جو شهر لڳندو هو ۽ ماڻهن لنڊن وڃڻ بدران هتي ايندا هئا پر هاڻ جو ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ شهر ۾ رفاحي پلاٽن تي قبضي ۽ غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته شهر ۾ 35 هزار پلاٽن جي چائنا ڪٽنگ جو انڪشاف ٿيو. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس گلزار احمد ڪي ڊي اي آفيسرن کي ڪراچي جي خراب حالت تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڪراچي کي چائنا ڪٽنگ ۽ قبضن برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪا به جاءِ ناهي ڇڏي وئي. جسٽس گلزار ريمارڪس ڏنا ته آخري ڀيرو ايوب خان جي زماني ۾ حددخلين خلاف ڪارروائي ٿي هئي ته ڪراچي صاف ٿي ويو هو ۽ يورپ جو شهر لڳندو هو، ماڻهن لنڊن وڃڻ بدران ڪراچي ايندا هئا تنهن هوندي هاڻ شهر غلاظت ۽ گند جي ڍير ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. جسٽس گلزار ڪي ڊي اي آفسرن کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته سوچيو ڪراچي جو ڇا ٿيندو، ڪجهه ته خيال ڪيو پنهنجي آفيس کان ٻاهر به نڪرندا ڪيو. گلشن اقبال ۾ توهان مانڊڙيون لڳايون، ڊسڪو بيڪري جي ٻاهران ڏسو ڪهڙي حالت آهي، اتي دلپسن مٺائي وارو ويٺل آهي ڪو غريب ماڻهو ناهي. عدالت عظميٰ آفسيرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هاڻ اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته توهان جي ڪهڙي ذميواري آهي؟ جسٽس گلزار ڪراچي جي اورينجل ماسٽر پلان جي روشني ۾ رفاحي پلاٽن جا تفصيل طلب ڪيا. ڪي ڊي اي آفيسرن طرفان پيش ڪيل رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 2 ڏينهن ۾ 27 جاين تي غير قانوني تعميراتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو. عدالت ڪراچي جي اوريجنل ماسٽر پلان جي روشني ۾ رفاحي پلاٽن جا تفصيل طلب ڪندي مڪاني ادارن کي ڪراچي ۾ چائنا ڪٽنگ جي 35 هزار پلاٽن کي آزاد ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان کان سواءِ عدالت ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي کي 2 مهينن جي بندوبستن جون شروعاتي رپورٽون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته سمورن رفاحي پلاٽڻ جي الاٽمنٽ فوري رد ڪئي وڃي، چائنا ڪنٽنگ جي پلاٽن کي هر صورت ۾ خالي ڪرايو وڃي.