ماضي ۾ بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو: ڄام ڪمال

ڪوئٽا ( م ڊ ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته ماضي ۾ بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي. ڪوئٽا ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڄام ڪمال چيو ته بلوچستان جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي سنجيدگي جا ٿورائتا آهيون، موقعو مليو ته گڏجي ماضي جي پيدا ڪيل مسئلن کي حل ڪنداسين، ماضي ۾ نه ته بلوچستان جي مسئلن تي ڌيان ڏنو ويو ۽ نه وري حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، حڪمران ۽ سياستدان اهو هوندو آهي جيڪو ملڪي مسئلا حل ڪندو آهي.  هن چيو ته جيڪي ملڪ ۾ خاميون آهن اسان سڀ ان جو حصو آهيون پر ماضي جي حل طلب مسئلن کي حل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ صوبي کي الله تعاليٰ گهڻا وسيلا ڏنا آهن، ملڪ ۽ صوبي کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ڏکيائيون اينديون پر نيت ٺيڪ هجي ته مشڪلا حل ٿي وينديون. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جن وٽ ڇت سان گڏ روزگار ناهي، اصل حڪمران ملڪ جي مستقبل لاءِ رٿا بندي ڪندو آهي، صوبي جي بهتري لاءِ فوج به اسان سان گڏ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *