ماضي جيان مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل سهڪار جاري رهندو :ترڪ صدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته ڪشمير جي حيثيت ترڪي لاءِ اوتري آهي، جيتري پاڪستان لاءِ آهي. پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهتل ترڪ صدر رجب طيب اردگان پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪيو، دوران هُن چيو ته ڪشمير جي حيثيت جيتري پاڪستان لاءِ آهي؟ اوتري اهميت ترڪي لاءِ به آهي. اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ گڏيل اجلاس دوران پاڪستان جي عوامي نمائندن ترڪ صدر جي آجيان ڪئي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خصوصي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته، هو پارليامينٽ کي خطاب جو موقعو ڏيڻ ۽ پرجوش مهمان نوازي تي پاڪستاني قوم جو ٿورائتو آهي. هُن لاءِ پاڪستان ٻيو گهر آهي ۽ هتي اچي ڪڏهن به پاڻ کي غير محسوس نه ڪندو آهي. پنهنجي خطاب ۾ ترڪ صدر چيو ته ڀارت جي هڪطرفن قدمن جي نتيجي ۾ ڪشميري ڀائر تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪشمير مسئلي جو حل جبري پاليسيز نه، پر انصاف جي فراهمي سان ممڪن آهي. ماضي جيان مستقبل ۾ به پاڪستان ۽ ترڪي جو گڏيل سهڪار جاري رهندو. پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪي جو ڀرپور ساٿ ڏنو، دٻاءُ باوجود پاڪستان کي ايف اي ٽي ايف ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرايان ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *