مارچ 2017ع کان ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۽ اسان جو ڪردار

February 2, 2017 at 12:29 am

منظور حسين اڄڻ

سنڌ جي ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي ۽ حڪومت سنڌ پاران مارچ 2017ع کان ٿيندڙ آدمشماري متعلق انيڪ خدشا ظاهر ڪيا ويا پر انهن جو ازالو ڪرڻ کانسواءِ آدمشماري وارو مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي.

آدمشماري سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو معاملو بڻيل آهي، جو هن وقت به سنڌ جا اهم خدشا اڃا سوڌو برقرار آهن، جنهن ڪري ايندڙ آدمشماري بابت ڪيترائي مونجهارا پيدا ٿي ويا آهن.

1)               سنڌ ۾ رهندڙ 35 لک ماڻهو اڃا تائين شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ کان محروم آهن، جنهن لاءِ حڪومت اڃا تائين نه ته ڪا حڪمت عملي جوڙي سگهي آهي ۽ نه ئي حڪومت ان معاملي ۾ سنجيده نظر اچي رهي آهي. ان ڪري هن ڀيري سنڌ جا 35 لک ماڻهو آدمشماري ۾ ڳڻپ کان محروم رهڻ جو انديشو آهي.

2) سنڌ ۾ پاڪستان جي اترين پهاڙي علائقن کان ضرب عضب آپريشن سبب لڏي آيل هڪ وڏي آبادي سميت لکين افغاني نه رڳو ڪراچيءَ ۾ آباد ٿي چڪا آهن پر انهن سنڌ پرڳڻي جا شناختي ڪارڊ به ٺهرائي ورتا آهن، جنهن سبب ايندڙ آدمشماري ۾ انهن کي به ڳڻپ ۾ شمار ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب سنڌ جي آبادي خصوصن شهري علائقن ۾ هڪ وڏي ڀوچال اچڻ جو انديشو وڌي ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت پاران ٻاهريان آيل تقريبن 4 ملين ماڻهن کي ايندڙ آدمشماري ۾ ڳڻپ هيٺ نه آڻڻ جي گهر ڪئي وئي هئي پر ان باوجود وفاقي حڪومت ٺپ جواب ڏيندي انهن کي ايندڙ آدمشماري ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب هن ڀيري هڪ وڏي غير سنڌي آبادي ڳڻپ ۾ شمار ٿي رهي آهي، جنهن سبب خاص طور تي ڪراچي جي آبادي جو توازن سخت متاثر ٿيندو.

3) نئين ٿيندڙ آدمشماري ۾ ” هڪ چلهه – هڪ گهر“ مطابق گهرن جي ڳڻپ ڪرڻ جو رٿيو ويو آهي، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پهچڻ جو انديشو آهي، جو ٻهراڙين ۾ اڄ به هڪ چلهه کي ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي خاندان الڳ رهڻ باوجود گڏيل طور استعمال ڪن ٿا. جنهن سان سنڌ ۾ سنڌي آبادي جا گهر ڳڻپ ۾ گهٽ ٿي سگهن ٿا.

4) ايندڙ آدمشماري متعلق سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته سنڌ جي ۽ خاص طور تي ٻهراڙي وارن علائقن جي ماڻهن کي آدمشماري جي اهميت متعلق گهربل ڄاڻ ملي نه سگهي آهي، ان ڪري ٻهراڙين ۾ خصوصي طور پري پري وارن علائقن ۾ عام ماڻهو ڳڻپ ۾ شمار ٿيڻ کان رهجي سگهن ٿا.

ان سڄي صورتحال ۾ مارچ 2017ع کان ٿيندڙ آدمشماري لاءِ مخالف ڌرين جون سازشون بي نقاب ٿينديون پيون وڃن. ڪجهه سال پهريان گذريل حڪومت دوران ٿيندڙ آدمشماري دوران پڻ اهڙيون اٽڪلون پڌريون ٿي چڪيون هيون، جنهن سان سنڌ اندر غير سنڌي آبادي کي وڌائي پيش ڪرڻ جو رٿيو ويو هو. جنهن موجب پهرئين مرحلي ۾ گهر شماري دوران هڪ پاسي سنڌي آبادين ۾ ڪيترائي گهر ڳڻپ کان رهايا ويا، جڏهن ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي اردو آبادي وارن علائقن ۾ خالي عمارتن، ديوارن ۽ قبرن تي پڻ گهرن جو ڪوڊ الاٽ ڪري انهن کي گهر شمار ڪيو ويو هو، جيڪي فوٽيجز اليڪٽرانڪ ميڊيا پاران ڏيکاريا ويا. ان ئي آدمشماري ۾ حڪومت جي غير سنجدگيءَ پڻ پڌري پٽ پئجي وئي هئي، جڏهن اليڪٽرانڪ ميڊيا تي فوٽيجز ذريعي تڏهوڪي اليڪشن ڪمشنر سنڌ جو خود جو گهر، گهرشماري کان رهجي ويو هو.

جيئن ته آدمشماري کانپوءِ ٻه اهم پيش رفتون ٿيڻيون آهن جن ۾ اين ايف سي ايوارڊ ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي ورهاست نئين ٿيندڙ آدمشماري آڌار ٿيڻي آهي، ان لاءِ سنڌ دشمن ڌرين جون نظرون ايندڙ آدمشماري تي کتل آهن، جيڪي ان لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۾ مصروف پڻ آهن، جيئن ملتوي ٿيل گذريل آدمشماري ۾ نظر پڻ اچي چڪيون آهن. هن ڀيري مخالف ڌريون سنڌ ۾ سنڌي آبادي کي اقليت ۾ ڏيکارڻ جا تمام حربا استعمال ڪري رهيون آهن، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن ۾ آبادي موجب واڌ اچڻي آهي، ان لاءِ اردو آبادي کي وڌائي پيش ڪرڻ سبب انهن جي سيٽن ۾ اضافو ٿيندو. هن ڀيري مخالف ڌرين پاران سنڌ اندر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ غير سنڌي وزيراعليٰ آڻڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، جنهن لاءِ ايندڙ آدمشماري ۾ راهه هموار ڪئي پئي وڃي.

ان صورتحال ۾ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين تي اهو قومي فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي ايندڙ ٻه مهينا (فيبروي ۽ مارچ) هن قومي ڪم لاءِ وقف ڪن ۽ هر جاءِ ۽ هر هنڌ تي آدمشماري لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ جا پروگرام جوڙين، جنهن لاءِ جاڳرتا واڪ، اسٽيج پروگرام، ريليون، مذاڪرا مطلب ته هر سطح تي ۽ هر ميڙاڪي ۾ سنڌ جي ماڻهن کي اها ڄاڻ ڏين ته هو آدمشماري وارن ڏينهن ۾ پنهنجن گهرن ۾ موجود رهن ۽ پنهنجا سڀئي گهرڀاتي ۽ ڳوٺن جا سڀئي گهر آدمشماري ۽ گهر شماري ۾ شامل ڪرائين ته جيئن ڪو هڪ گهر يا هڪ فرد به ان ڳڻپ کان رهجي نه وڃي. گڏوگڏ اها ڄاڻ پڻ ڏين ته هر سنڌ واسي آدمشماري متعلق ٻولي واري خاني ۾ پاڻ کي سنڌي لکرائي.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن، جيڪا سنڌ ۾ هڪ پرامن ۽ خوشحال سماج جي اڏاوت لاءِ گذريل تقريبن اڌ صديءَ کان پاڻ پتوري رهي آهي ۽ هن ڀيري به سنڌ ۾ آدمشماري واري معاملي تي به پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿي، جنهن ۾ اوهان سڀني ساٿين ۽ دوستن جي ڀرپور سهڪار ۽ ڪاوشن جي سخت ضرورت آهي جنهن لاءِ اوهان مان هر هڪ فرد سنڌ ۾ گهر گهر، گهٽي گهٽي ۽ هر وستي ۽ واهڻ ۾ وڃي عام ماڻهن کي آدمشماري متعلق جاڳرتا ڏئي ۽ گڏوگڏ هر فورم تي ويهي حڪومت تي اهو دٻاءُ وڌائي ته اها پڻ هن قومي مسئلي تي روايتي ڪردار کان هٽي هن ڀيري پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪري، ڇاڪاڻ آدمشماري سنڌ لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي.

سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سگا) سميت سنڌ جي ٻين ترقي پسند ۽ قومپرست ڌرين، پارٽين، فورمن ۽ سنڌ سول سوسائٽي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ڌرين جن ۾ اديب، صحافي، ليکڪ، وڪيل، سماج سڌارڪ، ڊاڪٽر، زميندار، سياستدان مطلب ته سڀني ڌرين کي گهرجي ته اهي گهربل وسيلن ۽ حيثيت آهر پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جيئن ايندڙ آدمشماري ۾ سنڌ دشمنن جا ناپاڪ ارادا خاڪ ۾ ملي وڃن.

اي پيپر