مادر ملت ننڍي کنڊ جي مسلم عورتن جي لاءِ بهترين نمونو هئي: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته مادر ملت ننڍي کنڊ جي مسلم عورتن جي لاءِ بهترين نمونو هئي، فاطمه جناح جمهوريت جي بقا جي تحريڪ ۾ به صف اول جي سپاهي بڻي. تفصيل موجب مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي يوم ولادت تي پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو ته تحريڪ پاڪستان ۾ محترمه فاطمه جناح جو ڪردار ميناره نور بنا، راست بازي ۽ نصب العين سان لڳاءُ شخصيت جا بنيادي ستون هئا. عمران خان جو چوڻ هو ته مادر ملت ننڍي کنڊ جي مسلم عورتن جي لاءِ بهترين نمونو هئي، عورتن کي سياسي ميدان ۾ تحريل ڏيارڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو.  هن وڌيڪ چيو ته فاطمه جناح جمهوريت جي بقا جي تحريڪ ۾ به صف اول جي سپاهي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *