اسلام آباد: (بيورو) : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته لڳي ٿو ته جيل مان نڪرندي وڏي ميان صاحب جي انجائنا جو سور به ختم ٿي ويو آهي.فواد چوڌري هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ ن جي قيادت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته اهو اقتدار کان محرومي جو سور آهي، ڪرپشن جي نشي جا عادي مريض اقتدار کان ٻاهر هجن ته انهن جو بُت ڀڄڻ لڳندو آهي.وفاقي وزير چيو ته قوم ۽ قانون اپوزيشن ليڊر جي واپسي جو انتظار ڪري رهيا آهن، دعا آهي ته هو لنڊن ۾ بيمار نه ٿئي.هن چيو ته شريف خاندان جا ماڻهو جيل ويندي ئي بيمار ۽ ٻاهر ايندي ئي لنڊن روانا ٿي ويندا آهن. فواد چوڌري چيو ته عام قيدي کي هڪ کان ٻي بيرڪ وڃڻ جي اجازت ناهي ۽ هي لنڊن جي سير ڪري رهيا آهن، عام قيدي سوچيندا آهن ته جيڪڏهن اهي به اپوزيشن ليڊر هجن ها ته جيل ۾ نه هجن ها.