ڪراچي: (بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر نيب اختيارين جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته اسان اوهان جي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون. اسان کي ائين لڳي رهيو آهي ته اوهان به جوابدارن سان ملي ويا آهيو.رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جوابدار شفقت علي شاهه، حميدالله ۽ ٻين جوابدارن جي خلاف نيب انڪوائري بابت ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊائريڪٽر نيب ڪراچي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جوابدارن خلاف هيستائين ڪهڙي ڪارروائي ڪئي آهي.؟ ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر عدالت کي جواب ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو.ان موقعي تي عدالت جاچ آفيسر کي چيو ته جيڪڏهن جوابدارن بئنڪ اڪائونٽس خالي ڪري ڇڏيا آهن ته اوهان انهن جون جڳهون نيلام ڇو نٿا ڪريو.؟ لڳي ٿو ته اوهان به جوابدارن سان مليل آهيو. عدالت جاچ آفيسر کي جواب نه ڏيڻ تي ڊائريڪٽر نيب ڪراچي شهزاد امتياز کي روسٽرم ۾ طلب ڪيو ۽ پڇاڻو ڪيو ته اوهان جيڪي جوابدارن کي ڪال اپ نوٽيس موڪليندا آهيو اهي ڪير ٺاهيندو آهي.؟اوهان کي ٺاهڻ اچي ٿو.؟ جنهن تي نيب ڊائريڪٽر شهزاد امتياز عدالت کي ٻڌايو ته ڪال اپ نوٽيس جاچ آفيسر ٺاهيندو آهي. عدالت نيب ڊائريڪٽر شهزاد امتياز کي ڪال اپ نوٽيس نه ٺاهڻ تي حيرانگي جو اظهار ڪيو. عدالت نيب ڊائريڪٽر کي چيو ته اوهان 16 سالن کان نيب ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ ايتري عرصي ۾ اوهان پنهنجي ڪارڪردگي ڏسو. جنهن کان پوءِ عدالت نيب جي ڊائريڪٽر کي ڪال اپ نوٽيس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي ۽ حڪم ڏنو ته اسان کي اوهان ڪراچي جو ڪوبه هڪ ڪال اپ نوٽيس ڏيکاريو جنهن ۾ جوابدار خلاف سمورا الزام هجن. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 مئي تائين ملتوي ڪندي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي نيب تياري سان عدالت ۾ اچي.