ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس آفيسر صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪندا آهن،لکي ڏيو ته گم ٿيل ماڻهو بازياب ڪرائي نٿا سگهون، اسان جي وس جي ڳالهه ناهي.عدالت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ۾ چيو ته پوليس آفيسر گم ٿيل ماڻهن بابت صرف ڪاغذي ڪارروائي ڪندا آهن. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته جن جا پيارا گم ٿيل آهن، جدائي جو غم انهن کانسواءِ وڌيڪ ٻيو ڪير به محسوس نٿو ڪري سگهي. عدالت شهري عبدالرحمان جي بازياب نه ٿيڻ تي ايس ايس پي سينٽرل کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کان 9 نومبر تائين لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي.0330