خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال) شڪارپور ضلعي جي لکي ٿاڻي جي ايس ايڇ او غلام مرتضيٰ ميراڻي چڪ ڀرسان ڌاڙيلن سان مقابلي دوران شهيد ٿي ويو، جنهن جي جنازي نماز خيرپور پوليس لائين گرائونڊ تي ادا ڪئي ويئي. جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاه ، ايڊيشنل آءِ جي سکر ريجن ڊاڪٽر جميل احمد سميت سکر لاڙڪاڻي ريجن جي ڊي آءِ جيز،ايس ايس پيز،اي ايس پيز سميت پوليس آفيسرن، سياسي سماجي اڳواڻن، واپارين،صحافين، وڪلين،سول سوسائٽي جي اڳواڻن سميت شهيد جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنازي نماز بعد شهيد کي پوليس دستي پاران سلامي ڏني ويئي،جنهن بعد پوليس آفيسرن شهيد جي مٿان گلن جي ورکا ڪري کيس خراج تحسين پيش ڪيو ۽ شهيد جي مڙه کي ڪلهوڏنو ويو،ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي سکرڊاڪٽر جميل احمد شهيد جي وارثن کي آٿت ڏيندي چيو ته شهيد زنده هوندا آهن، شهيد قوم جو حيات آهن،شهيدن جون قربانيون رائگان نه وينديون،ڊاڪٽر جميل چيو ته سنڌ پوليس طرفان شهيد جي وارثن کي ٻه نوڪريون،هڪ ڪروڙ روپيه روڪ رقم ۽ شهيد جي بيوه کي 60 سالن تائين ڦل پگهار ڏيڻ جو اعلان ڪيو،ڊاڪٽر جميل چيو ته سنڌ پوليس شهيدن جي وارثن سان هرڏکي سکي وقت ۾ ڏک آهي ۽ ڏک رهندي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڏوهارين پاران بڪتربند گاڏي مٿان هوائي جهاز کي مار ڪرڻ واري هٿيارسان فائرنگ ڪئي ويئي،جنهن جي نتيجي پوليس آفيسر گوليون لڳڻ سبب شهيد ٿي ويا آهن،واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي هر گز بخش نه ڪيو ويندو،هنن جا ڏينهن ڳڻتي چڪا آهن،پر آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام جي خاص هدايتن تي ڪچي جو آپريشن ڪجهه ڏينهن لاءِ معطل ڪيو ويو آهي،جنهن جي نئين سر پلاننگ ڪري جديد ٽيڪنالاجي ۽ حساس ادارن جي مدد سان ڏوهارين خلاف ڪامياب آپرِيشن شروع ڪيو ويندو، جيڪو ڏوهارين جي خاتمي تائين جاري رهندو،هن چيو ته سنڌ پوليس جا حوصلا اڳ کان وڌيڪ بلند آهن،سنڌ پوليس جا جوان دلير بهادر ۽ باصلاحيت آهن جيڪي هميشه عوام جي جاني مال جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نظرانو ڏين کان پوئتي نه هٽندا.مرحوم شهيد ايس ايڇ او غلام مرتضي ميراڻي کي اباڻي قبرستان بخاري شاه ۾سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ جي حوالي ڪيو ويو،هوڏانهن شهيد جي وارثن ڀاءُ پوليس آفيسر غلام مصطفي ميراڻي ۽ فوتي پٽن سان منشي محلا خيرپور ۾ تعزيت جو سلسلو جاري آهي،