اسلام آباد: (بيورو) نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال چيو آهي ته ميگا ڪرپشن جا وائٽ ڪالر ڪيس پهرين ترجيح آهن، قومي احتساب بيورو قائم ڪرڻ کان هينئر تائين ٽي سئو ڇويهه ارب روپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا.نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال اعلان ڪيو آهي ته عوام جي لٽيل رقم جلد عوام کي واپس ڪنداسين، هن 900 ارب روپين جي ميگا ڪرپشن ڪيسن کي انجام تائين پهچائڻ جو عزم ظاهر ڪندي ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان نيب جو ايمان قرار ڏنو.قومي احتساب بيورو چيئرمين طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 20 مهينن ۾ نيب قومي ناڻي ۾ 71 ارب روپيا جمع ڪرايا آهن، بدعنواني جون 600 ريفرنسز احتساب عدالتن ۾ داخل ڪيون ويون، 900 ارب ماليت جا 1 هزار 223 ريفرنس ٻڌڻي يٺ آهن، ميگا ڪرپشن جا ڪيس منطقي انجام تائين پهچائينداسين.