راولپنڊي (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته لِڪي وار ڪندڙ گدڙ هوندا آهن ۽ شينهن جا قافلا گدڙن جي خوف کان نه بيهندا. راولپنڊي ۾ ورڪز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هي جلسو يا سوشل ميڊيا ڪنوينشن نه پر انقلاب جي لهر آهي، جيڪو جذبو مان اڄ ڏٺو آهي اهو اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺو، ڇو ته مون کي خبر آهي ته هي جذبو ان ڪاوڙ جو نتيجو آهي، جيڪو توهان جي قائد سان ٿيو، مخالفن جي سازشن سان ماڻهن جي دلين ۾ نواز شريف جي محبت ۾ گهٽتائي نه پر اضافو ٿيندو. هن چيو ته نواز شريف هڪ شينهن آهي ۽ پنهنجي دشمنن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ ڄاڻي ٿو، هو ڪنهن کان ڊڄڻ وارو ناهي، شينهن جو مقابلو جوتن سان نٿو ٿي سگهي ۽ گدڙن جي بزدلاڻي حملن کي سيني تي کائيندڙ نواز شريف هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف حق جي رستي تي آهي ۽ جيڪو حق جي رستي تي هوندو آهي ان اڳيان رنڊڪون اينديون آهن، دشمنن کي اهو نياپو ڏيڻو آهي ته اسان جي دلين ۾ ن ليگ جي تاحيات قائد سان محبت وڌي وئي آهي. مريم نواز چيو ته شڪست تسليم ڪرڻ لاءِ وڏو حوصلو کپي، جيڪو رڳو ن ليگ وٽ آهي، لِڪي وار ڪندڙ گدڙ هوندا آهن، جيڪڏهن آمهون سامهون مقابلو ڪرڻو آهي ته چونڊن ۾ مقابلو ڪيو وڃي.27