ليگي ترجمانن جي نيب آرڊيننس بابت سياست افسوسناڪ آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم جي سُڌ سماءُ بابت خاص صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ليگي اڳواڻن جي نيب ترميمي آرڊيننس تي سياست افسوسناڪ آهيوزيراعظم عمران خان جو ڪردار صاف آهي

 کيس احتساب جو ڪوبه ڊپ ناهي. عدالت وزيراعظم کي صادق ۽ امين قرار ڏنو آهي. جڏهن ته نيب ڪرپشن جي خلاف ڪارروايون ڀرپور طريقي سان ادا ڪندو رهندو.فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته وزيراعظم کي احتساب جو ڪوبه خوف ناهي. ان جا بدترين سياسي مخالف به ان مٿان ڪرپشن جو الزام هڻڻ ۾ ناڪام ويا آهن.ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان ڪرپشن جي خلاف جهاد ڀرپور طاقت سان جاري رکندو. نيب جو ڪم ميگا ڪرپشن اسڪينڊلز جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ آهي ۽ اهو ڪم نيب سٺي طريقي سان انجام ڏيندو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *