اسلام آباد(بيورو) ليڪشن ڪميشن چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي تي عمران خان ۽ حمزه شهباز کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشڻ جي ۴ رڪني بينچ عمران خان ۽ حمزه شهباز خلاف چونڊ ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان ۽ حمزه شهباز جي وڪيل معاملي تي هڪ ئي موقف اختيار ڪندي چيو ته اسان ضمني چونڊن ۾ ضابطا اخلاقي جي ڪا به ڀڃڪڙي ناهي ڪئي. جنهن تي عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته ” ايڪ ئي صف ۾ ڪهڙي هوگئي محمود و اياز. نعيم بخاري پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته اسان کي ٻه نوٽيس مليا آهن ۽ ٻنهي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. اسان جو به اهو ئي جواب جيڪي پهريان ٻيا جمع ڪرائي چڪا آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته جلسا ضرور ڪيو پر ۱۵ کان ۲۰ ڏينهن نه ڪرڻ گهرجن.