لياقت آباد سميت سڄو ڪراچي آزاد ٿي ويو آهي: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ڪراچي جو عوام هاڻ ايم ڪيو ايم کي ووٽ نه ڏيندو، ايندڙ چونڊن ۾ پ پ ڪراچي جي سڀني کان وڏي سياسي پارٽي طور اڀرندي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته متحدا 30 سال عوام کي يرغمال بڻائي رکيو پر هاڻ عوام آزاد ٿي ويو آهي، ماڻهو ايم ڪيو ايم کي ڇڏيندا پيا وڃن، لياقت آباد سميت سڄو ڪراچي آزاد ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته شهر ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي وئي آهي، ايم ڪيو ايم جون سموريون سازشون ناڪام ٿي وينديون.  ٻئي پاسي پ پ جي سينيئر اڳواڻ نبيل گبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه فاروق ستار کي پ پ جلسي ۾ شرڪت ۽ پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. ان حوالي سان پ پ جي سينيئر اڳواڻ نبيل گبول صحافين سان ڳالهائيندي فاروق ستار کي جلسي ۾ جلسي ۾ شرڪت ۽ پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جو سربراهه پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪري، ڇو ته متحدا هاڻ ٽانگا پارٽي بڻجي چڪي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *