ڪراچي(م ڊ) لياري ۾ پوليس مقابلي دوران گينگ جو گهربل جوابدار غفار ذڪري 3 سالن جي پٽ ۽ ساٿي سميت مارجي ويو، فائرنگ جي ڏي وٽ ۾ سب انسپيڪٽر ۽ ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا. ڊي آءِ جي سائوٿ جاويد عالم مطابق لياري جي علائقي علي محمد محله ۾ حساس ادارن جي نشاندهي تي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سرچ آپريشن ڪيو، جنهن دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ۽ دستي بم ذريعي حملو ڪيو. ڏيڍ ڪلاڪ جي مقابلي بعد لياري گينگ وار جي گهربل جوابدار غفار ذڪري ۽ سندس ويجهو ساٿي ڇوٽا زاهد مارجي ويو، جڏهن ته پوليس جوابدار جي ٻن مبينا ساٿين کي گرفتار ڪري ورتو. جاويد عالم مطابق مقابلي دوران هڪ 3 سالن جو ٻارڙو به مارجي ويو، جيڪو غفار ذڪري جو پٽ هيو، جنهن کي هن ڍال بڻائي رکيو هو. هن وڌيڪ چيو ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ سب انسپيڪٽر سميت 2 پوليس اهلڪار به زخمي ٿيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس مطابق مارجي ويل جوابدارن وٽان وڏي تعداد ۾ اسلحو به هٿ ڪيو ويو، جنهن ۾ سب مشين گنز، دستي بم، آوان بم، درجنين گوليون ۽ ڪيترائي ميگزين شامل آهن. واقعي لياري جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن جو آغاز ڪيو.