لنڊن فليٽ جي خريد ۽ وڪرو جا سمورا مني ٽريل پيش ڪندس: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان لنڊن فليٽ جي خريد ۽ وڪرو ۽ بني گالا هائوس جي مني ٽرائيل پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، عمران خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته مان لنڊن فليٽ جي خريد ۽ وڪرو جا سمورا مني ٽرائيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندس، لنڊن فليٽ وڪرو ڪري رقم واپس پاڪستان آڻڻ جا سمورا ثبوت به پيش ڪندس، هن چيو ته هو سپريم ڪورٽ ۾ اهي شاهديون به پيش ڪندو ته بني گالا ۾ گهر جي تعمير يونين ڪونسل مورا نور جي اجازت کانپوءِ ڪئي، منهنجي مني ٽرائيل قطري خط وانگر نه هوندو، هن وڌيڪ چيو ته ن ليگ تحريڪ انصاف جي پرڏيهه مان فنڊنگ بند ڪرائڻ چاهي ٿي، ڇو ته تحريڪ انصاف واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا ٻين ملڪن مان به فنڊ گڏ ڪري ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *