لاڪ ڊائون ۾ نرميءَ جو اهو مطلب ناهي ته اسان وائرس کي وڌيڪ پکيڙيون:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس ڳتيل علائقن ۽ انهن آبادين ۾ پکڙجي رهيو آهي، جتي ماڻهو سماجي وٿي جو خيال نٿا ڪن، تنهن ڪري اسان کي احتياط ڪرڻو پوندو.پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 2097 ٽيسٽون ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ هاڻ مجموعي طور ٽيسٽن جو انگ 30 هزار 346 ٿي ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ وڌيڪ 320 نوان ڪيس هاڪاري آهن، جنهن سان گڏيل ڪيسن جو انگ 3 هزار 373 ٿي ويو آهي.سندس چوڻ هو ته اڄ سڀ کان وڌيڪ مقامي منتقلي جا ڪيس سامهون آيا آهن، 320 ڪيسن مان 12 تبليغي جماعت جي ميمبرن جا ڪيس آهن، جڏهن ته 308 ڪيس مقامي طور منتقلي جا آهن، اهو هيل تائين مقامي طور منتقلي جو سڀ کان وڏو انگ آهي ۽ هاڪاري ٽيسٽ جي شرح اڄ 15.2 سيڪڙو آهي، ان کان اڳ اها شرح 11.1 سيڪڙو هئي.هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 50 ماڻهو صحتياب پڻ ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس کي شڪست ڏيندڙن جو ڪُل انگ 715 ٿي ويو آهي، جنهن جي شرح 21.2 سيڪڙو آهي.وڏي وزير صوبي ۾ وڌيڪ ٽن فوتگين جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هيل تائين فوتين جو انگ 69 ٿي چڪو آهي، جيڪو مجموعي ڪيسن جو 2 سيڪڙو آهي.سندس موجب ڪراچي جو ڏکڻ ضلعو سڀ کان متاثر آهي، جتي 578 ڪيس سامهون اچي چڪا آهن، ان مان گهڻو انگ پٺ تي پيل علائقن مان آيو ۽ 24 ڪلاڪن ۾ اتي وڌيڪ 79 ڪيس سامهو آيا آهن.مراد علي شاهه ٻڌايو ته ضلعي اوڀر ۾ 468 ڪيس، ضلعي اولهه ۾ 259 ڪيس، ڪورنگي ۾ 179 ڪيس، جڏهن ته ضلعي ملير ۾ 155 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.هن چيو ته حيدرآباد ضلعي ۾ 229 ڪيس، لاڙڪاڻي ۾ 65 ڪيس، جڏهن ته سکر ۾ ڪيسن جو مجموعي انگ 347 آهي پر ان ۾ 273 ايران کان آيل زائرين ۽ 67 تبليغي ميمبر آهن، رڳو 7 ڪيس مقامي طور منتقل ٿيا.وڏي وزير چيو ته وائرس ڳتيل علائقن ۾ پکڙجي رهيو آهي ۽ اتي پکڙجي رهيو آهي، جتي ماڻهو احتياط نه پيا ڪن، اسان لاڪ ڊائون ۾ نرمي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان وائرس کي وڌيڪ پکيڙيون، اسان کي خيال رکڻو پوندو، هيل تائين لاڪ ڊائون ۽ احتياط جو فائدو ٿيو آهي پر اهو مطلب ناهي ته اسان ان کي ضايع ڪري ڇڏيون، جيڪڏهن لاڪ ڊائون ختم ڪري ڇڏينداسين ته وائرس سان متاثر ٿي سگهون ٿا.سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي قيمتي جانيون بچائڻيون آهن ته احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻو پوندو، اميد ته عوام هدايتن تي عمل ڪندو، ڇو ته اسان توهان سان گڏجي ئي ان وائرس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *