لاهور(م ڊ)لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالها.ئيندي هن چيو ته جن ماڻحن جي آمدني 25 هزار روپين کان گهٽ آهي انهن جا يوٽيلٽي بل معاف ڪيا وڃن.سراج الحق چيو ته همدردي جي بنياد تي هڪ مهيني جو ڪرايو معاف ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو وڃي، هن چيو ته هڪ طرف ڪورونا وائرس ۽ ٻئي طرف بک وگهي جاني نقصان جو خدشو آهي.جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته حڪومت پرڏيهه پاڪستانين جي مدد ڪري ۽ سانحي يا ڪو نقصان ٿيڻ کان اڳ پنهنجو فرض ادا ڪري.سراج احق وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون جي مخالفت نٿا ڪريون، حالتن جي تقاضا آهي پر ان کان اڳ 15 ڏينهن جو راشن عوام کي ڏنو وڃي، هن وڌيڪ چيو ته خانگي اسپتالن ۾ ماسڪ ۽ طبي سامان موجود ناهي، منصوره ۾ 6 آئسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا آهن.