لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ اڻڄاتل موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ ڪرياني جو دڪان هلائيندڙ واپاري قتل، واقعي بعد هٿياربند فرار ٿي ويا، قتل جا ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهيو، شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد باقراڻي روڊ ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ aفجر مهل موٽرسائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري 45 ورهين جي ڪرياني جو دڪان هلائيندڙ مختيار ميمڻ کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي جاءِ واردات جو معائنو ڪرڻ سان گڏ شاهديون گڏ ڪري لاش پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. مقتول جي والد حاجي محمد شعبان ميمڻ جو چوڻ هو ته صبح جي وقت مان پنهنجي پٽ مختيار ميمڻ سان گڏجي فجر جي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ۾ گڏ هيس جنهن کان پوءِ مختيار نماز پڙهي دڪان تي ويو ۽ مان مسجد ۾ ئي هيس ته ان دوران مون فائرنگ جي آواز ٻڌي ۽ در کان ٻاهر نڪتس ۽ معلوم ڪرڻ تي علائقي واسين ٻڌايو ته موٽرسائيڪل تي ٻه هٿياربند آيا جيڪي مختيار کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن چيو ته منهنجي پٽ صبح جي وقت دڪان کولي صفائي ڪري رهيو هو جنهن دوران هٿياربندن پٽ کي گوليون هڻي قتل ڪري مون سان وڏو ظلم ڪيو آهي، اسان جي ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، بيگناهه منهنجي پٽ کي قتل ڪيو ويو آهي.
سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان به جاچ، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو
لاڙڪاڻو: واقعي بعد علائقي جا سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي..
واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو: پوليس
لاڙڪاڻو: دڙي ٿاڻي جي پوليس موجب ته واقعي جي اطلاع تي جاءِ واردات جو معائنو ڪري شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته صبح جي وقت دڪاندار مختيار ميمڻ دڪان کولي صفائي ڪري رهيو هو ته موٽرسائيڪل تي سوار ٻن هٿياربندن سندس مٿان فائرنگ ڪري کيس قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا آهن.