ڪراچي(م ڊ) صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال فنڪارا ثمينه سمون جي قاتلن جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن سامهون آيل رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو هو ته لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪنگا ۾ هڪ تقريب دوران ڪجهه تماشاين اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ فنڪارا ثمينه سمون ٿڏي تي مارجي وئي هئي ٻئي پاسي گهرو وزير مقتولا جي قاتلن جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته مقتولا جي مڙس جي بيان موجب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي وارا قلم شامل ڪيا ويندا.