لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) نوجوان شاعر ۽ اديب مصور منگي چيو آهي ته مسڪين جهان خان کوسو، ٿري ماڻهن جو مسيحا هو، جنهن سموري ڄمار غريبن جي خدمت ڪندي گذاري، مسڪين جهان خان کوسي جو ٿري ماڻهن سان محبت جو جذبو پڇاڙيءَ تائين رهيو، هن پنهنجي سرڪاري نوڪري ڇڏي ماڻهن جي خدمت کي ترجيح ڏني، اسان جي سماج ۾ بي لوث سماجي خدمت ڪندڙ ڪردار ناپيد ٿيندا وڃن ٿا، اسان جو نئون نسل پنهنجي سورمن کان غير واقف ٿيندو وڃي ٿو، مشيني ڊوڙ ۾ انسان اڪيلائپ ۽ لاوارثيءَ جو شڪار ٿيندو وڃي ٿو. اسان کي اهڙن ڪردارن کي ڀيٽا ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي جي پندرنهن وار دستوري گڏجاڻيءَ ۾ عيسيٰ ميمڻ جي مضمون “جهان خان کوسو، اسان جو سورمو” تي ڳالهائيندي ۽ گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. هن زاهد جوڻيجو جي ڪهاڻيءَ تي ڳالهائيندي چيو ته اسان جي سماج ۾ عورت جو استحصال ٿي رهيو آهي. عورت تي سماجي جبر وڏي پيماني تي موجود آهي. قلمڪارن کي پنهنجي قلم کي سماج ڏانهن ذميوار بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته زاهد جوڻيجي جي ڪهاڻي ان سماجي جبر کي وائکو ڪري ٿي. هن عطاحسين چانڊيو جي غزل تي به راءِ ڏني، تنقيد ۾ وشال، رفيق ابڙو، حمز علي سوهو، عيسيٰ ميمڻ، اعجاز سولنگي، سميع ساجد جوڻيجو، منظور آزاد شيخ، روشن ٽوٽاڻي، دانش ترڪ، مسڪين عيسيٰ چانڊيو، جواد حسين، امجد مغيري ۽ ٻين حصو ورتو.