لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ 2 ڏينهن جي هلڪي برسات انتظاميا جي پت وائکي ڪري ڇڏي، روڊن تي پاڻي بيهجي ويو، صفائي عملو غائب، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي ۾ گذريل 2 ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات پوڻ ڪري، شهر جي مک اسٽيشن روڊ، ليڊيز جيل روڊ، مراد واهڻ، سميت ڪيترن ئي هنڌن تي برساتي پاڻي بيهجي ويو آهي، جڏهن ته ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا پاڻي نيڪالي لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن، جنهن ڪري شهري توڙي اسڪولي ٻارڙن کي اچ وڃ ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. شهرين آصف ابڙو، اصغر ٻگهيو، گلزار شيخ، عبدالصمد ابڙو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان وٽ صفائي عملو غائب آهي، ڪاروباري مرڪزن توڙي رهائشي علائقن ۾ برساتي پاڻي تلائن جي صورت اختيار ڪري ويو آهي، ضلعي انتظاميه توڙي ميونسپل ڪارپوريشن نيڪالي لاءِ ڪوبه تحرڪ ناهي ورتو. هنن سنڌ سرڪار توڙي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر کان مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي شهر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي. هوڏانهن ميئر لاڙڪاڻو خير محمد شيخ رابطي ڪرڻ تي “پنهنجي اخبار” کي ٻڌايو ته برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي، جلد نيڪال ڪيو ويندو