لاڙڪاڻي ويجهو سڱاوتي تڪرار تان شاگرد قتل

لاڙڪاڻو ( رپورٽ:  جي ايم کوکر) باقراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ملان ابڙو ۾ اٺين جماعت جي شاگرد 18 ورھين جي نوجوان وقار علي ولد لطف الله ابڙو کي گهر ڏانهن ويندي اڳواٽ گهٽي ۾ تاڙ تي بيٺل ھٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا ، اهڙي واقعي بعد سندس وارث ۽ ڳوٺاڻا واقعي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل نوجوان کي علاج لاءِ ٽراما سينٽر لاڙڪاڻو کڻي وڃي رهيا هئا ته زخمي ٿيل نوجوان زخمن جا سور نه سهندي رستي تي فوت ٿي ويو ، جنهن کي اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن چڪاس بعد سندس فوت ٿيڻ جي تصديق پڻ ڪئي ، جنهن بعد باقراڻي پوليس نوجوان جو لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏوڪري اسپتال منتقل ڪيو ، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ، پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ مطابق واقعي جو ڪارڻ سڱاوتي تڪرار ٻڌايو پيو وڃي، پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن ئي نوجوان کي قتل ڪيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *