ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي ننڍي چونڊ روڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب ڪري ورتو. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لاڙڪاڻي جي صوبائي تڪ پي ايس 11 تي ننڍي چونڊ روڪرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهيءَ ۾3 رُڪني بئنچ ٻڌڻيءَ بعد درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جا 2 ميمبرز رٽائر ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري اُها اڻپوري آهي، تنهن ڪري اڻپوري اليڪشن ڪميشن چونڊون نٿي ڪرائي سگهي، تنهن ڪري پي ايس 11 تي ننڍي چونڊ روڪرائي وڃي.