لاڙڪاڻي جا انڙ هڪ ٿي ويا،اليڪشن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو،هاڻي پ پ ۾ نه وينداسين؛شفقت/ڏاڏو انڙ

لاڙڪاڻو(رپورٽ: ) لاڙڪاڻي جي سياست سان تعلق رکندڙ ۽ پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيندڙ انڙ خاندان جي علي آباد ۾ مرحوم حاجي الطاف انڙ جي رهائشگاهه تي ڪالهه هنگامي پريس ڪانفرنس، ان موقعي تي الله بخش عرف ڏاڏو انڙ، شفقت حسين انڙ، عادل انڙ، عدنان انڙ، غلام عمر انڙ چيو آهي ته اڄ کانپوءِ اسان سڀئي سوٽ پاڻ ۾ گڏ آهيون جيڪو به فيصلوهوندو ته اهو سڀني جو گڏيل ۽ مشترڪه فيصلو هوندو، هن چيو ته پ پ وٽ عزتدار ماڻهن جي ڪابه عزت ۽ ضرورت ناهي پ پ وارن کي پرس ۽ جوتين کڻن وارن جي ضرورت آهي، اڄ سنڌ ۾ اهي عوام تي حڪومت ڪري رهيا آهن جيڪي چمچا گيري ڪري اڳتي نڪري آيا آهن، هنن وڌيڪ چيو ته اڄ کان اسان جو پ پ سان ڪوبه تعلق ناهي، ايندڙ اليڪشن ۾ اين اي 205 پي ايس 35 ۽ 41 جي حلقي اليڪشن مهم جو اعلان ڪريون ٿا ۽ اسان هنن ڪرپٽ حڪمرانن کي چئلينج ٿا ڪريون ته ايندڙ اليڪشن ۾ هنن کي عبرتناڪ شڪست ڏينداسين، هنن چيو ته اسانجي اڳوڻي ايم پي اي مرحوم غلام حسين خان انڙ ۽ صوبائي وزير حاجي الطاف خان انڙ وڏي کان وڏيون لاڙڪاڻي کي ترقياتي اسڪيمون ڏنيون جنهن ۾ خيرپور لاڙڪاڻو پل، سيوهڻ لاڙڪاڻو ڪراچي روڊ، قمبر شهدادڪوٽ ضلعو، انجنيئرنگ ڪاليج سميت ٻيون سهولتون عوام کي ڏنيون.ان دوران ڏاڏي الله بخش انڙ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اگر منهنجي سؤٽن کي يا مونکي ٻيهر پيپلز پارٽي ۾ ڪا آفر ٿي ته هرگز قبول نه ڪندس، ڪچي واري علائقي ۾ منهنجي زمين تي ٿيل قبضي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ۾ مسلسل آواز اٿارڻ سان گڏ پ پ جي اعليٰ قيادت کي دانهون ڏنيون پر ڪو کڙ تيل نه نڪتو،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *