ڳيريلي ويجهو هٿياربندن سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ڪري ماءُ ۽ نوجوان پٽ کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.
ڳيريلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪرم شاهه ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني.
فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 سالن جي زاهده گاڏهي ۽ سندس 18 سالن جو پٽ مجاهد مارجي ويا، معشوق گاڏهي ۽ سندس نياڻي مُرڪ زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل ماءُ پٽ جا لاش ۽ زخمين کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
ڳيريلو پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته واقعي جي خبر پوڻ سان واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا ۽ مارجي ويل ماءُ پٽ جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته واقعو سڱاوتي تڪرار تان پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.