لاڏلي کي مٿان کان حڪم وٺڻ جي عادت ٿي وئي آهي: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته لاڏلي کي مٿان کان حڪم وٺڻ جي عادت ٿي وئي آهي. احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته لاهور جي عوام ڪالهه ٽيون ڀيرو عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف سربراهه وڪيٽ ڪيرائڻ جو بهانو ڪري لاهور مان ڀڄي ويو. سندس چوڻ هو ته 2013ع ۾ عوام عمران خان کي رد ڪيو هو، 2018ع جا نتيجا به ساڳيا ئي هوندا، عمران خان پاڪستان جي سياست کي بدنام ڪري رهيو آهي، ڪي پي جي وڏي وزير چئي ڇڏيو هو ته مٿان کان حڪم آيو آهي، مٿان جو مطلب ڪڏهن به بني گالا نه هو، سڄي ملڪ جي عوام کي خبر آهي ته مٿان جو مطلب ڇا آهي ۽ لاڏلي کي مٿان کان حڪم وٺڻ جي عادت ٿي وئي آهي. هن چيو ته اهي ماڻهو تبديلي آڻڻ جا دعويدار هئا، اهڙي تبديلي آئي جو انهن مٿان کان آيل حڪم تي تير تي مهر هڻي ڇڏي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *