لاهور (اين اين آءِ) لاهور ۾ برسات 38 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو مختلف حادثن ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا شهر ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري برسات تباهي مچائي ڇڏي روڊ رستا گهٽيون تلاءُ ۾ تبديل ٿي ويون جڏهن ته هيٺاهين علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو تيز برسات سبب ليسڪو جا ساڍا 300 فيڊر به جواب ڏيئي ويا جنهن سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند ٿي ويئي لاهور ايئرپورٽ تي ٻاهرين ملڪ ويندڙ ڪيتريون ئي اڏامون دير جو شڪار ٿي ويون ۽ لاهور ايندڙ اڏامن جو رخ ٻين شهرن ڏانهن موڙيو ويو، تفصيل موجب پنجاب جي گادي واري هنڌ لاهور ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ رات دير سان تيز هوائن سان گڏ تيز برسات شروع ٿي جنهن جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهيو برسات سبب ريواز گارڊ ۾ بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ ريواز گارڊن چوڪي جو ڊرائيور ۽ رضاڪار شاهزيب فوت ٿي ويو قرطبا چوڪ تي موٽر سائيڪل تي سوار اڪبر نالي نوجوان بجلي جي تارون ڪرڻ جڏهن ته چائنا اسڪيم ۾ به ڪرنٽ لڳڻ سان هڪ شخص فوت ٿي ويو ٻئي پاسي ڪميٽي بازار ۾ هڪ جوتا ٺاهڻ جي ڪارخاني جي ڇت ڪرڻ سان ٻه مزدور دٻجي فوت ٿي ويا برسات سبب مختلف حادثن ۾ زخمي 10 ڄڻا مختلف اسپتالن ۾ داخل تيز برساتن انتظاميه جي نااهلي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا انتظاميه جي نااهلي سبب شهر درياهه جو منظر ڏيڻ لڳو شاد باغ بادامي باغ، لڪشمي فيروزپور روڊ جي پي او چوڪ اشره شادره اسلام پوره ڳڙهي شاهو محمد ننگر ريلوي اسٽيشن سبب ٻيا علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا ۽ رستن تي ڪيترائي فوٽ پاڻي بيهجي ويو جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري ماڻهن گهرن تائين محدود ٿي ويا انڊرپاس پاڻي سان ڀرجي ويا گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون بند ٿي ويون ڪيترن هنڌن تي ٽريفڪ جام ٿي ويو گهٽيون ۽ روڊ بند ٿيڻ سان آفيسن ۾ حاضري معمول کان گهٽ رهي جي پي او روڊ تي کڏو پئجي ويو. کڏي ۾ پاڻي تيزي سان ڪرڻ لڳو جيڪو ڪنهن حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو واسا عملدارن مطابق لاهور ۾ ٿيندڙ برسات 38 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي ايم ڊي واسا زاهد عزيز مطابق واسا جو عملو رات کان پاڻي جي نيڪال ۾ مصروف آهي برسات بند ٿيڻ کان پوءِ ٻه کان 3 ڪلاڪ شهر مان پاڻي ڪڍڻ ۾ لڳي سگهن ٿا واسا جا سمورا ڊسپوزل اسٽيشن آپريشنل آهن عملي پاران ڪائي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.