لاهور ۾ ارفع ڪريم ٽاور ويجهو ڌماڪو، 22 ڄڻا مارجي ويا، 32 زخمي

لاهور(م ڊ) ارفع ڪريم ٽاور جي ڀرسان ڪوٽ لکپت سبزي منڊي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 32 زخمي ٿي پيا آهن، ڊي سي او لاهور سيد سمير احمد موجب فيروز پور روڊ تي موجود ارفع ڪريم ٽاور ڀرسان سبزي منڊي ۾ ڌماڪي جي ڪري 22 ڄڻا مارجي ويا. ڌماڪي جي ڪري 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪيترن ئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، تنهن هوندي جنرل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 پوليس اهلڪار به شهيد ٿي ويا آهن، پوليس موجب شروعاتي طور آپگهاتي حملو لڳي رهيو آهي، جنهن ۾ پوليس اهلڪارن کي نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن ۾ وڌيڪ انگ پوليس اهلڪارن جو آهي، ڌماڪي بعد پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فيروز پور روڊ کي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، پوليس شهرين کي ڌماڪي واري هنڌ کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *