لاهور ڌماڪو: پنجاب جي وڏي وزير پاران شهيدن جي وارثن ۽ زخمين لاءِ مالي امداد جو اعلان

لاهور (م ڊ): پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف لاهور ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن ۽ متاثرن لاءِ مالي امداد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شهباز شريف گذريل ڏينهن لاهور ۾ ٿيل ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 20 لک رپيا في ڪس امداد جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته سخت زخمين کي 10 لک رپيا مالي امداد ڏني ويندي، وڏي وزير ڌماڪي ۾ معمولي زخمي ٿيندڙن لاءِ 3 لک رپيا مالي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن لاهور جي فيروز پور رود تي بم ڌماڪي ۾ 9 پوليس اهلڪارن سميت 26 ڄڻا مارجي ويا هئا، جڏهن ته ڌماڪي جي شروعاتي جاچ رپورٽ موجب اهو آپگهاتي ڌماڪو هيو ۽ حملو ڪندڙ جي عمر 16 کان 17 سال هئي.
]

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *