لاهور ڌماڪو دهشتگردن جي سگهاري هُجڻ جي چغلي هڻي ٿو!
February 16, 2017 at 2:12 amڪيترن ئي ڏهاڪن کان هن ڏيهه تي خوف ۽ دهشت جو راڄ رهيو آهي. ڪي مخصوص ڌريون هتي جي امن کي کينو ٺاهيو کيڏنديون رهيون آهن، اُنهن جڏهن به چاهيو آهي، جتي به چاهيو آهي، چُرندڙ پُرندڙ زندگين کي گوشت جي لوٿڙن ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ اسان جا محافظ ادارا سمورين دعوائن باوجود اُنهن کي روڪڻ ۾ بُريءَ ريت ناڪام ويا آهن. چوڻ جي حد تائين ته خلق کي خاطري ڪرائي وئي هُئي ته دهشتگردن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي آهي، هينئر اُهي اُٿڻ جي قابل به ناهن پر حقيقت اِئين ناهي، دهشتگرد اڄ به چڱي خاصي سگهه ۾ آهن، جنهن جو ثبوت ڪالهوڪو لاهور وارو ڌماڪو آهي. اِن حوالي سان آيل خبرن پٽاندر سومر واري ڏينهن لاهور ۾ پنجاب اسيمبليءَ ويجهو مال روڊ تي چيئرنگ ڪراس چوڪ ۾ ڪيمسٽ ۽ ڊرگ ايسوسيئيشن جي احتجاجي مظاهري دوران خودڪش ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪئپٽن (ر) احمد مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن لاهور زاهد محمود گوندل سميت 13 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته 80 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
ٻُڌايو پيو وڃي ته ڌماڪو شام جو 6 لڳي 7 منٽن تي ان وقت ٿيو، جڏهن پنجاب اسيمبلي آڏو مال روڊ جي چيئرنگ ڪراس چوڪ ۾ پنجاب ڊرگ ايڪٽ 2017ع خلاف ڪيمسٽ ۽ ڊرگ ايسوسيئيشن جا سوين ماڻهو احتجاج ڪري رهيا هئا. مظاهري سبب سڄي شهر جو ڪاروهنوار متاثر هو ۽ ٽرئفڪ جام هئي. ان وقت ڊي آءِ جي ٽرئفڪ ڪئپٽن (ر) احمد مبين ۽ وقتي ڊي آءِ جي آپريشن لاهور زاهد محمود گوندل ٽرئفڪ کي رواني سان جاري رکڻ لاءِ مظاهرين سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا، عين اُن وقت هڪ پندرهن سترهن ورهين جي ڄمار وارو خودڪش بمبار پوليس وارن جي ويجهو ويندي پاڻ کي اُڏائي ڇڏيو.
ڌماڪو ٿي ويو، تيرهن جانيون هميشه لاءِ مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويون ۽ لڳ ڀڳ 80 ڄڻا هينئر به زخمن جي سورن ۾ چِڪي رهيا آهن ۽ اسان جا حڪمران ترديدون، وضاحتون ۽ افسوس جي اظهار ۾ پورا آهن. اِها روش هر واقعي کان پوءِ معمول بڻيل هوندي آهي. اعليٰ عهدن تي ويٺل شخصيتن کان وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن تائين اخبارن توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي مذمتي بيان ڏنا ويندا آهن ۽ معاملو وري ٿڌو ٿي ويندو آهي. هيستائين اهڙن ئي ڌماڪن ۾ هن مُلڪ جا هزارين ماڻهو موت جو کاڄ بڻجي چُڪا آهن. آپريشن ضرب عضب کان پوءِ جيتوڻيڪ مرندڙن جي انگن ۾ گهڻي گهٽتائي آئي آهي، پر خوف جو خاتمو اڃا ممڪن بڻجي ناهي سگهيو. ماڻهو هينئر به ساههُ مُٺ ۾ ڪيو زندگيءَ جي وهنوار سان لڳل آهن. خلق کي پنهنجي تحفظ جو احساس اِن ڪري به ناهي جو اسان وٽ مسئلن جو مڪمل علاج ڳولڻ بدران عارضي ٽڪساٽ ڪيا ويندا آهن، دهشتگرديءَ ۾ ٿورڙي ساهي مَس آئي ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن اِهو يقين ڪري ورتو ته هينئر ڪو به دهشتگرد شهرن ۾ داخل ٿي نه سگهندو ۽ اِن حوالي سان جيڪڏهن ڪي ڳجهيون رپورٽون به اچي رهيون هيون ته اُنهن کي ڀوڳ ڀائيندي اُن تي ڪنهن به ڌيان نه ڏنو. نتيجي ۾ امن دشمن عنصر پنهنجي ڪارروائين ۾ ڪامياب ويا ۽ اُنهن ڏيهه کي هڪ ڀيرو وري ڏهڪاءَ جي وَرِ چاڙهي ڇڏيو. اِهو سلسلو تيستائين هلندو رهندو، جيستائين اسين مامري کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪنداسين.
جيڪڏهن لاهور ۾ ڪنهن امڪاني حملي جا اطلاع هُئا ته اُن تي پنجاب پوليس تحرڪ ڇو ڪونه ورتو، اُن کان ضرور پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي، نه رُڳو پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي، پر ذميوارن کي سزا مان به گذاريو وڃي. ڇو ته اُنهن جي لاپرواهيءَ ئي دهشتگردن کي اِهو موقعو فراهم ڪيو ته اُهي معصوم ماڻهن جي حياتين سان کلواڙ ڪن. جيڪڏهن اسين پنهنجي ڪوتاهين کي تسليم ڪندي اُنهن جي ازالي لاءِ ڪوششون وٺون ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به امڪاني گڙ ٻڙ کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا. اُن لاءِ اسان جي ادارن کي تيستائين اطمينان سان ويهڻ نه گهرجي، جيستائين دهشتگرديءَ جو حقيقي معنيٰ ۾ خاتمو نه ٿو اچي، تڏهن ئي اسين هِن مُلڪ ۾ امن واري خواب جي ساڀيان کي ممڪن بڻائي سگهنداسين، ٻي صورت ۾ اسان جي خوشفهمي سدائين امن دشمنن لاءِ دڳ ٺاهيندي رهندي ۽ اُهي اسان جي معصوم ماڻهن کان حياتيون ڦريندا رهندا. تنهنڪري اسين اِنهيءَ صلاح جا آهيون ته پوري مُلڪ ۾ جتي به اهڙي ڪنهن امڪاني دهشتگرديءَ جو اطلاع هُجي، اُن تي سنجيدگي اختيار ڪندي اُپائن لاءِ ڪوششون ورتون وڃن.