لاهور پشاور ڪوئٽا جا ڌماڪا را ڪرايا ۽ لعل شباز جو ڌماڪو سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب ٿيو ؟

February 19, 2017 at 11:49 pm

عبدالمجيد بروهي

پ پ پ جي دشمني ۽ بغض ڀٽو ازم جي ڪري  ماڻهون ايترا ته ڪري چڪا آهن جو کين اها  خبر نٿي پوي ته چون ڇا ٿا اردو ميڊيا سميت ڪجھ پ پ پ کان هميشا ناراض رهندڙ تجزيي نگار صاحبان اڄ ڪلهه ان منفي پروپيگنڊا ۾ لڳي ويا آهن ۽ پاڪستان جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ پورا آهن پ پ پ جي مخالفت ۾ هو ايترا ته انڌا ٿي چڪا آهن جو کين خبر ئي نٿي پوي ته هو چون ڇا ٿا  اڄ ڪلهه ميڊيا تي بار بار اهو ڏيکاريو پيو وڃي ۽ تجزيا ڪيا پيا وڃن ته سائين منهنجا لاهور ڪوئٽا پشاور فاٽا سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ خودڪش حملا ۽ دهشتگردري جي وارداتن ۾ انڊيا جي انٽيليجنس ايجنسي را ۽ افغانستان جا دهشتگرد ملوث هئا   پر لعل شهباز قلندر جي نگري ۾ ٿيندڙ خود ڪش حملو پ پ پ سنڌ حڪومت مراد علي شاهه ۽ آصف علي زرداري جي نا اهلي جي ڪري ٿيو آهي ڪيڏي نه ڪريل سوچ آهي انهن ماڻهن جي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خود ڪش حملا ٿي رهيا آهن تمام وڏن وڏن پاور وارن ملڪن به خود ڪش حملا ناهن روڪي سگھيا انهن انسانيت جي دشمنن کي روڪڻ لاء سنڌ حڪومت وٽ جيڪي وسيلا آهن ان آڌار تي سيڪيورٽي ڏني وئي هئي پر سائين هتي به ڪجھ ڌريون بغض ڀٽو ۾ ايترا ته انڌا ٿي چڪا آهن جو اهو چيو پيو وڃي ته سائين سنڌ حڪومت ايمبولينسن جو بندوبست ڇو نه ڪيو هيو انهن عقل جي انڌن کي مان ايترو چوندس ته سائين ڇا دهشتگردن دهشتگردي جي اهڙي ڪريل ڪاروائي ڪرڻ کان اڳ ۾ سنڌ جي وڏي وزير کي اهو چيو هيو ڇا ته اسان وڃون ٿا لعل شهباز ۾ بم ڌماڪو ڪرڻ تون ايمبولينس اڳواٽ بيهاري ڇڏجائين اهڙي منفي پروپيگڻدا ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي جو هو هرو ڀرو هن ڏک واري سوڳ واري عالم ۾ سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن مان انهن کي ايترو چوندس ته سهوڻ شهر هڪ تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر آهي اتي تعلقي اسپتال آهي ۽ تعلقي جي اسپتال ۾ جيڪي سهولتون ڏنيون وينديون آهن انکان وڌيڪ سهولتون هن اسپتال کي مليل آهن سنڌ جي ڪنهن به ٻئي شهر ۾ ٽاراما سينٽر ناهي پر لعل شهباز قلندر جي نگري ۾ هڪ ٽراما سينٽر به آهي اسپتال ۾ ست کان اٺ ايموبوليسز آهن جيڪي هڪ تعلقا اسپتال ۾ هجڻ گھرجن ان کان علاوه اتي جي ڊاڪٽرن به پاڻ ملهايو پوري تعلقا اسپتال جي ٽيم جس لهي جن هڪ ٻن ڪلاڪن ۾ حالاتن کي منهن ڏنو ۽ زخمين جي سار سنڀال ڪئي اهو چوڻ بلڪل نا مناسب آهي ته سائين بروقت سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري شهيد ٿيلن جو انگ وڌي ويو ائين هجي ها ته لاهور بم ڌماڪي کانپوء اتي شهيد ٿيندڙ اعلا اهلڪارهن وقت زندا هجن ها صرف پسند نا پسندگي کي ڇڏي ڪري هن وقت ملڪ جي مفادن خاطر عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ جي لاء پوري قوم کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيڻو پوندو هن وقت پاڻ وڙهي اسين پوء به دشمن کي خوش ڪري رهيا آهيون اسان جو دشمن اسان جي وچ ۾ ويهي ڪري اسان کي ماري رهيو آهي سڀ کان پهريان اسان پنهنجي اندروني دشمن کي ڳولهيون ۽ ان تي گرفت هاصل ڪري ان جي مدد سان انهن دحشتگردن جي اصل جڙن تائين پهچڻ گھرجي

هن وقت توهان صاحبان جيڪي وڏا وڏا ليکڪ آهيو جيڪي وڏا وڏا اينڪرپرسن آهيو توهان پ پ پ سان پنهنجي دشمني پوء ڪنهن ٻئي وقت ۾ ڪڍجو هي وقت پ پ پ سان بغض رکي ان کي برو ڀلو چوڻ جو هي وقت ناهي هي وقت آهي قوم کي هڪ ڪرڻ جو هي وقت آهي ايڪي ۽ ٻڌي جو ڇو ته اسان جيڪڏنهن هڪ ٿينداسين ۽ پنهنجا تمام اختلاف وساري هڪ ٿي انهن پليت غليظ قسم جي انسان نما جانورن کي شڪست ڏئي سگھون ٿا لعل شهباز جي نگري ۾ خودڪش حملو ڪري انهن غليظ دهشگردن سنڌ جي هر پرامن سنڌ واسي مٿان حملو ڪيو آهي سنڌ جي صوفي ازم کي نقصان پهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انهن جانورن کي شڪست ڏيڻ جي لاء اسان سڀني کي متحد ۽ منظم ٿيڻو پوندو هڪ ٿي اسين انهن دهشتگردن جو مقابلو ڪري سگھون ٿا باقي هيئن منفي پروپيگنڊا ۽ غلط ڳالهيون ڪري صرف پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ ۽ پ پ پ سان نفرت سبب انهن خلاف لکي ٻرندي تي وڌيڪ باهه ٻارڻ جي ڪوشش بند ڪئي وڃي پ پ پ اها جماعت آهي جنهن کي هنن دهشگردن سڀ کان وڌيڪ زخم ڏنا آهن انهن ئي غليظ جانور نما انسان پ پ پ جي عظيم قائد شهيد راڻي کي شهيد ڪيو هيو انهن جي ئي ڪريل حرڪتن جي ڪري ڪيترائي پ پ پ جا جيالا شهيد ٿيا آهن پاڪستان ۾ اگر ڪا پارٽي هنن دهشگردن جي اکين ۾ ڪنڊي جيان چڀندي آهي ته اها پارٽي پ پ پ آهي بحرحال هن وقت انهن خلاف پ پ پ اڪيلي سر ڪجھ به نٿي ڪري سگھي ۽ نئي نواز ليگ يا پي ٽي آء يا ٻئي ڪا عوامي پارٽي هنن دهشتگردن جو اڪيلي مقابلو ڪري سگھي ٿي هن وقت پاڪ فوج جي جوانن کي اسان پوري قوم جي مدد جي ضرورت آهي اسان سڀ هڪ ٿي ڪري هنن دهشتگردن خلاف هلندڙ هن جنگ ۾ پنهنجي ملڪ جي بهادر فوج سان ملي ڪري انهن غليظ دهشتگردن کي شڪست ڏئي سگھون ٿا

 

Brohimajeed123@gmail.com

*****

 

اي پيپر