لاهور ( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۽ رمضان شگر ملز ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس ملڪ شهزاد احمد جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهابز شريف ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پرسنل سيڪريٽري فواد حسين جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ٻنهي ڪيسن ۾ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ فواد حسن فواد جي ضمانت منظور ڪئي جڏهن ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ سندس ضمانت رد ڪري ڇڏي. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي شهباز شريف چيو ته نيب سياسي بنيادن تي ڪيس ٺاهي کيس گرفتار ڪيو، مٿس داخل ڪيسن ۾ ڪابه حقيقت ناهي.