لاهور عدالت پاان راولپنڊي جا داخلي رستا کولڻ ۽ سياسي ڪارڪنن کي ڇاپا هڻي حراسان نه ڪرڻ جو حڪم

لاهور(م ڊ)لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ حڪومت کي راولپنڊي جا داخلي رستا کولڻ جو حڪم ڏيندي سياسي ڪارڪنن کي ڇاپاهڻي حراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ رستا بند ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي سي او ۽ سي پي او راولپنڊي پيش ٿيا، آر پي او جي پيش نه ٿيڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.عدالت ۾ سي پي او اسرار عباسي موقف پيش ڪندي چيو ته راولپنڊي جا رستا بند نه آهن، جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته راولپنڊي پوري ضلعي جا رستابند آهن.عدالت آر پي او کي سڀاڻي طلب ڪندي انتظاميا کي هدايت ڏني ته سياسي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ بند ڪري رستاکوليا وڃن…..

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *