لاهور جي علائقي چوبرجي ۾ رڪشي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 7 ڄڻا زخمي

لاهور(م ڊ) لاهور جي علائقي چوبرجي ۾ رڪشي ۾ ٿيل ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڊرائيور سميت 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا.پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ چوبرجي چوڪ تي بيٺل هڪ رڪشي ۾ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ رڪشي جي ڊرائيور سميت ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا.رڪشي جي ڊرائيور ٻڌايو ته هن هڪ مسافر کي ويهاريو جنهن کي سمن آباد وڃڻو ۽ ڀاڙي ڏيڻ کان پوءِ هو ڄاڻايل مقام تي لهي ويو پر شايد هو پنهنجو شاپنگ بيگ رڪشي ۾ ئي وساري ويو هو پر منهنجو ان پاسي ڌيان نه ويو.ڊرائيو ٻڌايو ته هو ملتان روڊ، چوبرجي تي رڪشو بيهاري حاجت لاءِ ويو ته انهيءَ دوران رڪشي ۾ ڌماڪو ٿيو.هن چيو ته پهرين پوليس کي لڳو ته گيس سلنڊر جو ڌماڪو آهي پر جاچ مان خبر پئي ته گيس سلينڊر جو ڌماڪو ناهي ڇو ته اسان کي واقعي واري هنڌان بال بيرنگ به مليا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *