لاهور (م ڊ) لاهور ۾ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالاجي (پي آءِ سي) ۾ وڪيلن ڪاهه اسپتال اندر ۽ ٻاهر ڀڃ ڊاهه ڪئي، جنهن سبب طبي امداد نه ملڻ جي ڪري 4 مريض فوت ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو آهي.گرينڊ هيلٿ الائنس جي چيئرمين ڊاڪٽر سلمان حسيب موجب ان پرتشدد مظاهري دوران 4 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا پر رپورٽن موجب مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ وڪيلن طرفان ايمرجنسي وارڊن ۾ گهڙڻ کانپوءِ کين طبي امداد نه ملي سگهي. لاهور جي اسپتال ۾ وڪيلن جي احتجاج دوران چڪريون ۽ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ هنگامي دوران عملي توڙي مريضن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جڏهن ته هڪ نوجوان چيو آهي ته هنگامي دوران علاج لاءِ آيل سندس والده لاڏاڻو ڪري وئي آهي. لاهور ۾ وڪيلن طرفان پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولاجي (پي آءِ سي) ۾ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ دوران هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، وڪيلن طرفان وائرل ٿيل وڊيو خلاف احتجاج ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ينگ ڊاڪٽرز وڪيلن جو مذاق اڏائي رهيا هئا. احتجاج دوران وڪيلن طرفان اسپتال ۾ پٿراءُ ڪيو ويو، جڏهن ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ سان گڏ اسپتال ٻاهران بيٺل گاڏين جي به ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي. وڪيلن جي هنگامي دوران اسپتال عملو ۽ مريض ۾ ڀاڄ پئجي وئي، جيڪي پاڻ بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويا. اسپتال انتظاميا پوليس کي طلب ڪري ورتو ته وڪيلن جون عملي سان گڏ پوليس اهلڪارن سان به چڪريون ٿيون، جنهن بعد اسپتال جي ٻاهران وارو علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته وڪيلن ڪارڊيالوجي اسپتال ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي، جنهن جي ڪري ڊاڪٽرز، نرس، پئراميڊيڪل اسٽاف ۽ مريضن جي حياتي کي خطرو آهي. اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامي دوران ڊرپ لڳل مريض به ڀڄندا رهيا، هڪ رپورٽ موجب پنجاب جي مغلپور واسي نوجوان دانهيو آهي ته هو پنهنجي والده کي علاج لاءِ اسپتال وٺي آيو هو، جيڪا هنگامي دوران فوت ٿي وئي آهي. والده کي تمام گهڻي تڪليف هئي پر هنگامي ۽ احتجاج جي ڪري ڪوبه ڊاڪٽر نه مليو. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بُزدار چيو ته موجوده صورتحال کانپوءِ امن امان جي حوالي سان اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، هو سڌو لاهور وڃي صورتحال جو جائزو وٺندو. وڪيلن تي چٿرن واري ينگ ڊاڪٽرز جي وڊيو تي پيدا ٿيل تڪرار جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير چيو ته معاملي تي ٺاهه ٿي ويو هو، هنگامن ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ جيڪو به ملوث هوندو، اُن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي لاهور ۾ احتجاج دوران وڪيلن صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ تي به حملو ڪري ڏنو، تشدد کانپوءِ وارن مان گهلي اڳتي وٺي ويا. صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو رپورٽ وٺڻ ۽ جهيڙو ٽارڻ لاءِ اسپتال پهتو هو، پر کيس به تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هُن چيو ته کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، وڪيلن خلاف ڪيس داخل ڪري ذميوارن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو.