لال شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪو، فوت ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 88 ٿي ويو

February 17, 2017 at 11:35 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

سيوهڻ (اين اين آءِ) سيوهڻ ۾ لال شهباز قلندر جي مزار تي ڌماڪي ۾ فوت ٿيندڙن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جڏهن ته 55 لاش وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن 15 لاش اڃا به اسپتال سيوهڻ ۾ موجود آهن جڏهن ته پنجن لاشن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي جا ٽيسٽ ورتا ويا آهن ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙ 15 ڄڻا تعلقي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهن جڏهن ته 41 سخت زخمي ڪراچي حيدرآباد ۽ نوابشاهه منتقل ڪيا ويا اهن حضرت لال شهباز قلندر جي مزار ۾ گذريل ڏينهن آپگهاتي ڌماڪي ۾ 80 ڄڻا شهيد ۽ 250 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. 155 زخمين کي طبي امداد ڏيئي فارغ ڪيو ويو آهي صحت کاتي جي اختيارين تصديق ڪندي ٻڌايو ته سيوهڻ ڌماڪي ۾ شهيدن جو انگ 88 ٿي ويو آهي جن مان 67 جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي اختيارين موجب 75 ماڻهن جا لاش سيوهڻ جڏهن ته 5 جا لاش نوابشاهه اسپتال آندا ويا. هوڏانهن سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب جو چوڻ آهي ته ممڪنه طور تي حملي آور مرد هو. ڌماڪو مزار جي اندر ٿيو اڱڻ ۾ ٿئي ها ته جاني نقصان اڃا وڌيڪ ٿئي هئا هن جو چوڻ هو ته جاچ ڪندڙن ڌماڪي واري هنڌ کان شاهديون گڏ ڪري ورتيون آهن سي سي ٽي وي وڊيو جي مدد سان جاچ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف قلندر جي پانڌيئڙن خوف ۽ دهشت جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڌماڪي جي ڪجهه ئي ڪلاڪن کان پوءِ مزار تي روايتي چڙاءُ ۽ دولهه جا آواز گونجڻ لڳا صبح ٿيندي ئي زائرين ٻيهر حاضري ڏيڻ مزار تي پهچي ويا سيوهڻ پهچندڙ زائرين حضرت لال شهباز قلندر جي مزار کولڻ لاءِ احتجاج ڪيو. پوليس موجب زائرين رسا ٽوڙي مزار ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا گزريل ڏينهن ٿيندڙ ڌماڪي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ اهم سرڪاري عمارتن ۽ حساس هنڌن تي سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي ويئي آهي جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ اهم مزارن کي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن سنڌ حڪومت پاران سڄي صوبي ۾ 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اي پيپر