لاهور: جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته لعل شهباز قلندر جي درگاهه تي حملو اسلام ۽ پاڪستان تي حملو آهي، ٻن ڏينهن دوران چار ڌماڪن مان ثابت ٿيو آهي ته دشمن جتي ۽ جنهن وقت چاهين حملو ڪري سگهن ٿا. لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته نيشنل ايڪشن پلان سمورين پارٽين اتفاق راءِ سان منظور ڪيو هو، حڪومت ڪجهه ڏينهن تائين جاڳندي رهي پر پوءِ سندس اک لڳي وئي آهي. امير جو چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد مدرسن ۽ مسجدن جو محاصرو نه هو، دهشتگردي سان گڏ مذهب جو نالو وٺي ان کي محدود ڪيو ويو، پاڪستان ريگستان بڻائڻ جو اعلان ڪندڙ ڀارت کي اسرائيل جي حمايت حاصل آهي. هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد ڏاڙهي وارو هجي يا ڪلين شيو، مدرسي جو هجي يا يونيورسٽي جو ان خلاف ڪارروائي ضرور ٿيڻ گهرجي. فوجي عدالتن ۾ واڌ لاءِ سمورين پارٽين سان اتفاق ضروري آهي.