ڪراچي (اسٽاف رپورتر) پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته ڪراچي پ پ جو شهر آهي ۽ رهندو، اسان مزدور دشمن بجيٽ کي رد ڪيون ٿا. ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته شهيد ڀٽو آمريت خلاف جدوجهد ڪراچي مان شروع ڪئي، ڪراچي ۾ پ پ ڪارڪنن کي ڳولي ڳولي ماريو ويو، اسان لاش ڍوئيندا رهنداسين پر ڪراچي جون رونقون ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته حڪومت مزدور دشمن بجيٽ پيش ڪئي آهي، وفاقي حڪومت جي بجيٽ سان پورهيت جو چلهو وسامي ويندو، اها سيڙپڪارن جي بجيٽ آهي، پ پ ان بجيٽ کي رد ٿي ڪري، اسان مهانگائي جو طوفان آڻيندڙ بجيٽ کي تسليم نٿا ڪيون. سندس چوڻ هو ته چون ٿا تبديلي اچي رهي آهي، ٻڌايو ڪهڙي تبديلي آئي آهي، تبديلي تڏهن ايندي آهي جڏهن عوامي انقلاب ايندو آهي.