لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ، پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد

راولپنڊي ( م ڊ ) ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته جوابي ڪارروائي ۾ 3 ڀارتي فوجي مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج بنا جواز فائرنگ ڪئي. ترجمان موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جا 4 جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي فوج جا 3 اهلڪار مارجي ويا. ترجمان موجب ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول جي جندڙوٽ ۽ ڪوٽلي سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي سڪيورٽي فورسز کي اڳرائيءَ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پيو وڃي. پاڪستان جي پرڏيهي کاتي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي طلب ڪري ايل او سي تي ڀارتي فورسز جي بنا سبب فائرنگ ۾ 4 جوانن جي شهادت تي سخت احتجاج ريڪارڊ ڪرايو آهي. تفصيل موجب پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڊي جي سائوٿ ايشيا سارڪ ڊاڪٽر محمد فيصل ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي احتجاجي خط ڏيندي سيز فائر جي ڀڃڪڙي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. واضع رهي ته ڀارتي گولا باري سبب 4 پاڪستاني فوجي جوان شهيد جڏهن ته ٻيا 5 زخمي به ٿيا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *