ق ليگ جي وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف کي حمايت جي خاطري

اسلام آباد (بيورو) ق ليگ وفد عمران خان سان ملاقات ڪري وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف جا مختلف پارٽين سان رابطا جاري آهن، ان سلسلي ۾ ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت حسين بني گالا ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پرويز الاهي به موجود هو. ملاقات ۾ تحريڪ انصاف طرفان جهانگير ترين ۽ فواد چوڌري سميت ٻيا اڳواڻ به شريڪ ٿيا، جتي چوڌري ڀائرن مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چونڊن ۾ ڪاميابي تي عمران خان کي واڌايون ڏنيون. ملاقات بعد ق ليگ وفد بني گالا کان روانو ٿي ويو. ذريعن موجب ملاقات هاڪاري رهي، جنهن ۾ ق ليگ ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته وفاق ۽ پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حمايت ڪئي ويندي. هوڏانهن تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت لاءِ نمبر پورا ڪري ڇڏيا آهن، ق ليگ سان هڪ فارمولو طئي ڪيو ويو آهي، تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي لاءِ اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، وفاق ۽ پنجاب ۾ ق ليگ تحريڪ انصاف جي اتحادي هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *