راولپنڊي (م ڊ): آءِ ايس پي آر پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه 23 مارچ جي ڪامياب پريڊ تي قوم کي مبارڪون ڏنيون آهن، آرمي چيف سڪيورٽي قدمن کي به ساراهيو، آرمي چيف چيو ته ملڪ جا غازي ۽ شهيد اسان جو اثاثو آهن، پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان دنيا ۾ نمايان اهميت رکي ٿو، پريڊ جي موقعي تي سڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا ويا، قوم فسادين جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، شهيدن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين.